دائپو يا ويم جي واٽ

دائپو يا ويم جي واٽ

دائپو يا ويم جي واٽ

دائپو يا ويم جي واٽ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر هينري جيليٽ جي انگريزي ڪتاب ’شارٽ پرئڪٽس آف مڊوائفري فار نرسز‘ جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو ڊاڪٽر علي احمد قاضيءَ 1940ع ۾ ترجمو ڪيو هو، جنهن کي گورنمينٽ پرنٽنگ پريس ڪراچيءَ مان ڇپايو ويو. انهيءَ عرصي ۾ هن ڪتاب جي ڇپائي ۽ تياريءَ جو معيار تعريف لائق آهي. هن ڪتاب ۾ حمل دوران عورت جي صحت جي حوالي سان مفيد مضمون، حمل دوران خلل، پيچيدگين کان آگاهي، ويندي ٻار ڄمڻ بعد ان جي صحت ۽ سار سنڀال بابت معلومات ڏنل آهي. ڪتاب جي خاصيت اها به آهي ته سهڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ۽ ان ۾ ڏنل تصويرون، خاڪا ۽ نقشا به پڙهندڙ نرسن/داين لاءِ رهنما ثابت ٿيا آهن. هن ڪتاب ۾ 32 باب ۽ الف، ب، ج، د ۽ هه ضميما پڻ ڏنل آهن. آخر ۾ سنڌي انگريزي لغت به پيش ڪيل آهي ته جيئن پڙهندڙ کي جيڪڏهن ڪو سنڌي لفظ سمجهه ۾ نه اچي ته ان جو انگريزي لفظ به پڙهي، سمجهي سگهي.
550 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو ديباچو ڊاڪٽر علي احمد قاضي خود لکيو آهي. هي ڪتاب ڪچي جلد سان ڊيمي سائز ۾ آهي، جنهن جي قيمت 10 روپيا لکيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو